جت ونهيون فقير سالاراڻي

جت ونهيون فقير سالاراڻي: ونهيون فقير، شاهه لطيف جو پيارو فقير هو. هي اهو ئي فقير هو، جيڪو بيبي صاحبه جي پلي کائڻ جي سڌ واري روايت موجب پلو وٺڻ ويو هو، ۽ جڏهن شاهه صاحب کيس سهڪندو ڏٺو ته مرڳو اولاد تان ئي ارواح کڄي ويس. ٻئي طرف اها به روايت آهي ته شاهه صاحب جي ’موتي‘ ۽ ’گردگان‘ يا ’کينهون‘ نالي ٻن ڪتن کي سنڀاليندو هو. اهي ننڍڙا گلر هئا جي شاهه صاحب ڪٿي ڏٺا هئا، بک پئي مُئا، سو ٻنهي کي کڻي آيو ۽ ونهيون فقير انهن جو خاص خدمتگار هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو